جاندارن جي مکيہ گروھن جو تعارف
ڪيترن ئي ڪلاسن ۾ اسان
جاندارن جي ضرورتن، خصوصيتن ۽ زندگي جي ڦيري بابت پڙھيو آھي. اسان اھو بہ پڙھيو
آھي تہ جاندارن جي سندن خوراڪ جي قسم جي کائڻ جي بنياد تي درجہ بندي ڪئي ويندي
آھي. سائنسدان انھن شين کي جاندار ئي چوندو آھي. ڪيتيون ئي جاندار شيون ڪن ڳالھين
۾ ھڪجهڙيون ئي ھونديون آھن، انھن کي ھڪجهڙين ڳالھين ۽ علامتن جي بنياد تي مختلف
گروپن ۾ شامل ڪبو آھي. جاندار شين يا جاندارن کي گروپن ۾ ورھائڻ واري ڪم کي درجہ
بندي (ڪلاسيفڪيشن) چئبو آھي. ڪيتري ئي وقت کان جاندارن کي سندن عام خصوصيتن ۽
علامتن جي بنياد تي حيواناتي ۽ نباتاتي گروھن ۾ رکي درجہ بندي ڪئي وئي آھي.
ٽيڪنالاجي جي ترقي ڪرڻ کان پوءِ سائنسدانن کي درجہ بندي باري ۾ وڌيڪ تفصيل معلوم
ٿيا آھن، جن جي بنياد تي ھاڻي جاندارن کي پنجن مختلف حلقن ۾ ورھائي درجہ بندي ڪئي
وئي آھي.
1.
بئڪٽيريا
2.
الجي
3.
فنجي
4.
ٻوٽا يا نباتات
5.
جانور
بئڪٽيريا: ھي فقط ھڪ خلئي (يوني سيليولر) وارا جاندار آھن جن جي
خلئي جي ٻاھران تھ چڙھيل ھوندو آھي جنھن کي سيل وال بہ چئبو آھي پر انھن خلين جو
ڪو بہ مناسب مرڪز (نيوڪليئس) ڪون ھوندو آھي. بئڪٽيريا ھوا، پاڻي، مٽي يا ڪنھن بہ
ٻئي جاندار جي جسم ۾ موجود ھوندا آھن. انھن مان ڪيترا تي بيماريون پيدا ڪندا آھن
پر ڪي وري دوائن، ڏھي، پنير وغيرہ جي تيار ڪرڻ ۾ ڪم ايندا آھن.
الجي: الجي گهڻي قدر ھڪ سيل وارا جاندار ھوندا آھن، جن جي سيل
کي مڪمل ٻاھريون تھ (سيل وال) ۽ نيوڪليئس بہ ھوندو آھي. ھنن ۾ ڪلوروفل بہ ھوندو
آھي جنھنڪري اھي پنھنجو کاڌو ضيائي عمل وسيلي تيار ڪري سگهندا آھن. الجي گهڻو ڪري
پاڻي ۾ ئي ٿيندا آھن. ڪيترائي تي الجي اسان پنھنجي کاڌي خوراڪ لاءِ استمعال ڪندا
آھيون پر ڪي الجي تہ بيماريون بہ پيدا ڪندا آھن. مثال طور
ڪٽليريا، الوا ۽ ووليڪس
فنجي: فنجي گهڻو ڪري ڪثير خلوي جاندار ھوندا آھن جن جي خلئي جو
ٻاھريون پردو (سيل وال) ۽ مرڪز (نيوڪليئس) پڻ اعليٰ قسم جا ھوندا آھن. انھن ۾ سائو
مادو يعني ڪلوروفل بہ ڪونہ ٿئي جنھن ڪري انھن ۾ ضيائي عمل بہ ڪونہ ٿيندو آھي. انھي
جي بدران اھي خوراڪ لاءِ ماڻھن وانگر ٻين شين، ٻوٽن ۽ جانورن جي سڙيل ڳريل مادن تي
ئي گذران ڪندا آھن. انھن مان ڪيترائي فنجي تہ بيماريون بہ پيدا ڪندا آھن پر ڪي
فنجي دوائن ۽ ڊبل روٽي ٺاھڻ جي بہ ڪم ايندا آھن.
ٻوٽا يا
نباتات: ٻوٽا بہ ڪثير خلوي
جاندار آھن انھن جي سيلن جو مرڪز ۽ ٻاھريون پردو بہ اعليٰ قسم جا ھوندا آھن. ٻوٽن ۾
سائي رنگ جو مادو يعني ڪلوروفل ھوندو آھي، جيڪو کين پنھنجي خوراڪ ٺاھڻ ۾ مدد ڪندو
آھي. ھن عمل کي روشنائي ترڪيب جو عمل (ڦوٽوسائينٿيسس) چئبو آھي. ٻوٽن کي مڪمل
پاڙون، ٿڙ، پن ۽ گُل ھوندا آھن. اھي ميوا بہ تيار ڪري سگهندا آھن.
جانور: جانور ڪثير خلوي جاندار آھن انھن جي خلين جا مرڪز اعليٰ قسم
جا ھوندا آھن پر انھن جو ٻاھريون پردو (سيل وال) نہ ھوندو آھي. جانور پنھنجي لاءِ
ڪوبہ کاڌو ٺاھي نہ سگهندا آھن پر اھي ٻين جانورن تي گذران ڪندا آھن. اھي ھلي چلي ۽
چُرپُر ڪري سگهندا آھن. جانورن کي پڻ ٻين ٻن گروپن (ڪرنگهي ۽ بنا ڪرنگهي وارا
جانور) ۾ ورھايو ويو آھي
جانورن
جي درجہ بندي ۽ انھن جون علامتون
لفظ جانور اصل لاطيني
ٻولي جي لفظ انيمل جو ترجمو آھي جنھن جي معنيٰ آھي روح يا ساھ
ھن ڌرتي تي موجود سڀئي
جانور ھڪ وڏي دنيا ٺاھين ٿا، جنھن کي جانورن جي دنيا (انيمل ڪنگڊم) چئبو آھي.
جانورن جي ھن دنيا ۾ ۾ ڪي جانور ايترا تہ باريڪ ۽ ننڍڙا آھن جن کي فقط خوردبيني جي
وسيلي ئي ڏسي سگهبو آھي. پر ڪي تي وڏا ديوَ ۽ اجگر ھوندا آھن جيئن وڏي نيري وھيل
جانور.
اسان جي بدن ۾ ھڪ اھڙو
حصو آھي جيڪو اسان کي سڌو اٿي بيھڻ ۽ ويھڻ ۾ مدد ڪري ٿو، اھو حصو اسان جي پٺي جو
ڪرنگهو ئي آھي. اسان جانورن جي اھڙي وڏي گروھ جا فرد (ميمبر) آھيون، جن کي پٺي جو
ڪرنگهو ھوندو آھي. جن جانورن کي پٺي جو ڪرنگهو ھوندو آھي، تن کي ڪرنگهي وارا
(ورٽيبريٽ) چئبو آھي. پکي، مڇيون، رڙھندڙ جانور، خشڪي ۽ پاڻي ٻنھي ھنڌن تي رھندڙ
جانور (ايمڦيبِيَنس) ۽ مئمل يعني ٻچن کي کير پياريندڙ جانور اھي سڀئي ڪرنگهي وارن
جانورن ۾ اچي وڃن ٿا. ڪي ڪرنگهي وارا جانور سرد رت وارا تڳ ڪي گرم رت وارا ھوندا
آھن. مڇيون، خشڪي ۽ پاڻي ۾ رھندڙ (ايمڦيبِيَن) ۽ ريڙھيون پائي ھلندڙ جانور سرد رت
وارا جانور ھوندا آھن، ڇاڪاڻ تہ اھي پنھنجي پسگردائي (ماحول) واري ٽيمپريچر مطابق
پنھنجي جسم جي ٽيمپريچر کي بدلائيندا رھندا آھن. پکي ۽ مئمل گرم رت وارا جانور آھن
ڇاڪاڻ تہ اھي پنھنجي جسم جو ٽيمپريچر مستقل ئي رکندا آھن ۽ ماحول جي ٽيمپريچر تي
ڪوبہ دارومدار نہ رکندا آھن.
ڪي جانور اھڙا ھوندا
آھن جن کي پٺي وارو ڪرنگهو ناھي ھوندو اھڙي قسم جي جانورن کي بنا ڪرنگهي وارا
(انوَرٽيبريٽ) چئبو آھي. ڪيڙا (وارمس)، ڪوريئڙا (اسپائيڊرس) ۽ سڀئي جيت (انسيڪٽس)
بنا ڪرنگهي وارا جانور ھوندا آھن. ڪيڙا ۽ جيت ڪيترين ئي ڳالھين ۾ ھڪجهڙا ھوندا آھن
پر تڏھن بہ ڪيڙا جيت نہ ھوندا آھن. ڪيڙا بہ ٻين بنا ڪرنگهي وارن جانورن وانگر
ھوندا آھن. ڪيڙن جا ٻيا مثال ڄئور، فليٽ ورم، ٽيپ ور ۽ گول ڪيڙا آھن. ڪن ڪيرن جو
جسم ڀاڱيندار مطلب گُرين جهڙي شڪل (سيگمينٽڊ) وانگر ھوندو آھي پر ڪن جي جسم تي
ڀاڱي جا نشان نہ ھوندا آھن، انھن جو جسم لسو ھوندو آھي. ڪيڙن کي ڄنگهون بہ ڪون
ٿين، ڪي ڪيڙا تہ ٻين جانورن جو رت چوسيندا آھن جيئن ڄئور ( لِيچ ) ۽ گول ڪيڙا. ڪي
ڪيڙا تہ ماحول دوست بہ ھوندا آھن، جيئن مٽي وارا ڪيڙا (ارٿ ورمس) يا سوپا.
سڀني جيتن کي جوڙدار
ڄنگهن جا ٽي جوڙا يعني ڪُل ڇھ ڄنگهون ھونديون آھن. انھي کان علاوہ انھن مان ڪيترن
ئي جيتن کي ھڪ يا ٻہ جوڙا پرن جا بہ ٿين. ڪن جيتن جي مٿن تي ڇھڻا (انٽينا) بہ
ھوندا آھن. جيتن جو سمورو جسم ٽن مکيہ حصن ۾ ورھايل ھوندو آھي، ڪي جيت انسان جو رت
چوسيندا آھن ۽ ڪي وري گُلن جي مٺي رس (نيڪٽر) چوسين ٿا. جيتن جو ننڍڙو جسم کين
دشمنن کان لڪڻ ۽ نظرن کان اوجهل رھڻ ۾ مدد ڪري ٿو. دنيا
جي سڀ کان ڳري وزندار جيت جو نالو گوليٿ ٽنڊڻي آھي جنھن جو وزن 100 گرامن کان بہ
وڌيڪ ٿيندو جيڪو آفريڪا ۾ ھوندو آھي.
اسان ڏٺو تہ جاندارن
جي درجہ بندي ڪرڻ وقت انھن جا پھريائين ٻہ ٻہ مختلف گروپ ٺاھيا ويا. درجہ بندي جي
اھڙي طريقي کي ڊائچوٽومس طريقو چئبو آھي.
ٻوٽن
جون علامتون ۽ انھن جي گروھ بندي
ٻوٽا جانورن کان انھي
ڪري مختلف ٿين ٿا ڇاڪاڻ تہ اھي ھڪ ئي ھنڌ پاڙ ھڻي بيٺا ھوندا آھن ۽ اھي پنھنجو نسل
اسپورس يعني سنھڙن داڻن يا ٻچن وسيلي وڌائين ٿا. ٻوٽا پنھنجي لاءِ خوراڪ خود پاڻ
ئي سج جي روشني، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، پاڻي ۽ انھن جي پنن ۾ موجود سائي مادي يعني
ڪلوروفل جي مدد سان تيار ڪندا رھن ٿا. ٻوٽن جي ھن طرح خوراڪ تيار ڪرڻ جي عمل کي
روشنائي ترڪيب جو عمل (ڦوٽوسائينٿيسس) چئبو آھي. ھن ڌرتي تي جيڪي بہ ٻوٽا موجود
آھن، سي سڀئي پنھنجي الڳ دنيا ٺاھين ٿا جنھن کي ٻوٽن جي دنيا (پلانٽس ڪنگڊم) چئبو
آھي. ٻوٽن کي ٻن وڏن گروھن ۾ ورھايو ويو آھي.
1.
گُلدار ٻوٽا
2.
بي گُل ٻوٽا
گُلدار
ٻوٽا: ھي ٻوٽا گُل جهليندا
آھن، ھي ٻوٽا پنھنجي ٻجن مان نسلي واڌ ڪندا آھن جيڪي ٻج وري انھن جي ميون جي اندر
موجود ھوندا آھن. ھنن ٻوٽن کي حقيقي پاڙون، ٿڙ (ڏانڊيون) ۽ پن ھوندا آھن. ھي ٻوٽا
ڌرتي تي ھر ھنڌ موجود ھوندا آھن. گُلدار ٻوٽن کي اڃا بہ ٻن مکيہ گروھن ۾ ورھايو
ويو آھي.
1.
ھڪ ٻج پن وارا ٻوٽا: ھنن ٻوٽن جي ٻج مان فقط ھڪ ٻج پن وارو ٻوٽو ٻج جي ڦٽڻ
وقت نڪرندو آھي. پن ۾ پوروڇوٽ نسون واضح ھونديون آھن. ٽن ٽن جي گروپن يا 3 سان ضرب
ٿيندڙ حصن ۾ ورھايل ھوندا آھن. مثال: مڪائي،
چانور، ڪڻڪ، گاھ وغيرہ.
2.
ٻہ ٻج پن وارا ٻوٽا: ھنن ٻوٽن جي ٻجن مان ٻج جي ڦٽڻ وقت ٻہ ٻج پنن وارا ٻوٽا
نڪرندا آھن. پن ۾ ڄاريءَ وانگر نسون واضح ھونديون آھن. ھنن جا گُل چئن يا پنجن جي
گروپ ۾ گڏ ھوندا آھن. مثال: انب، ليمو، چڻا، چونرا
وغيرہ.
بي گُل
ٻوٽا: ھي ٻوٽا گُل ڪون
جهليندا آھن. ھنن مان ڪي ٻوٽا سنگڙن داڻن جي ذريعي نسل جي واڌ ڪندا آھن. ھنن ٻوٽن
کي بنا ٻج وارا ٻوٽا بہ چئبو آھي. مثال طور: فرنس
۽ موسز. ھنن مان ڪي ٻوٽا ٻجن ذريعي بہ پنھنجو نسل جي واڌ ڪندا آھن، ھنن ٻوٽن کي
ٻجدار ٻوٽا بہ چئبو آھي، (ڪونيفرس). موسز کان سواءِ ٻين سڀني ٻوٽن کي حقيقي پاڙون،
ٿڙ ۽ ڏانڊيون ۽ پن بہ ھوندا آھن. ھن قسم جا ٻوٽا نالين ۽ پائيپن جي ڀرسان گهميل
مٽي ۾ ڦٽندا ۽ واڌ ڪندا آھن.
1 Comments
Good
ReplyDelete